سڪينه عتيق الزمان

سڪينه عتيق الزمان

سڪينه عتيق الزمان

سڪينه عتيق الزمان: سنڌ جي ناليواري سماجي ورڪر، اديبه ۽ سياستدان سڪينه عتيق الزمان جو جنم نومبر 1923ع ۾ لکنو هندستان جي صوبي اتر پرديش نواب مقصود علي خان فاروقيءَ جي گهر ۾ ٿيو. هن گهراڻي جو لکنو ۾ نوابي جاهه ۽ جلال رهيو. سندس ڏاڏو نواب مجو علي خان انگريز سرڪار جو سخت مخالف ۽ باغي هو، جنهن کي انگريزن سزا طور گرفتار ڪرائي چوني جي بٺيءَ ۾ ساڙائي ڇڏيو. هن جو سهرو چوڌري خليق الزمان مسلم ليگ جي بانين ۽ تحريڪ پاڪستان ۾ صف اول جو اڳـواڻ هـو. بيـگم سڪيـنه مئٽرڪ 1938ع ۾ مسلم گرلس، اسڪول لکنو، بي. اي (1942ع) ۾ گوڪلـداس ڪاليج مراد آباد اتر پرديش انڊيا مان حاصل ڪئي. سندس شادي 1942ع ۾ چوڌري خليق الزمان جي وڏي پٽ عتيق الزمان سان ٿي، ورهاڱي بعد 1948ع ۾ انڊيا مان لڏي اچي لاڙڪاڻي جي لاهوري محلي ۾ سندس خاندان آباد ٿيو. پاڪستان ٿيڻ کان پهرين سڪينه 1944ع ۾ مراد آباد شهر ۾ يو. پي انڊيا مسلم ليگ خواتين شاخ جي جوائنٽ سيڪيٽري رهي ۽ عورتن ۾ مسلم ليگ لاءِ ڀرپور ڪري چڪي هئي. لاڙڪاڻي اچڻ بعد به مسلم ليگ سان سلهاڙيل رهي، ورهاڱي دوران هندستان مان لڏي ايندڙ جي آبادڪاريءَ لاءِ صبح کان رات تائين لاڙڪاڻو ريلوي اسٽيشن تي بيٺي هوندي هئي ۽ هندستان مان لڏي ايندڙن کي رهائش جو بندوبست ڪرڻ ۾ سڀ کان اڳڀري رهي. ان دوران محمد ايوب کهڙي ۽ قاضي فضل الله ۽ ٻين کان مالي مدد حاصل ڪري پناهگيرن کي آباد ڪري سندن مالي مدد پڻ ڪيائين. پاڪستان ٺهڻ بعد پهريون دفعو 1952ع ۾ سرڪار پاران بلدياتي ادارن جون چونڊون ڪرايون ويون ته سڪينه عورتن لاءِ مخصوص سيٽ تي چونڊجي آئي.
سڪينه عتيق عورتن جي فلاح بهبود لاءِ ڪيتريون ئي ڪوششون وٺي شهر ۾ عورتن کي اسپتالن ۾ سهولتن ۽ تعليم ڏيارڻ لاءِ اپاءَ ورتا. خانبهادر ايوب کهڙي کيس وزارت ۾کڻڻ لاءِ آڇ پڻ ڪئي، پر ننڍي عمر هئڻ سبب کيس گهران اجازت نه ملي.
بيگم سڪينه کي ادب سان پڻ گهڻي دلچسپي رهي. هوءَ مشهور ادبي تنظيم ’بزم ادب‘ ساڻ سلهاڙيل رهي. جڏهن تنظيم جي باني صمد ساز بيماريءَ سبب ’بزم ادب‘ جي عهدي تان استعيفا ڏني ته 1966ع ۾ بيگم سڪينه ان ادبي تنظيم جي صدر مقرر ٿي، هن ڪيترن ئي نوجوان عورتن توڙي مردن کي سرڪاري نوڪريون وٺرائي روزگار سان لڳرايو، غريبن جي مالي مدد ڪندي هئي. 1966ع ۾ سڪينه عتيق کي پاڪستان وومين ائسوسيئيشن'>آل پاڪستان وومين ائسوسيئيشن (اپوا) ضلعي لاڙڪاڻي جو صدر چونڊيو ويو. هوءَ ڪيترائي سال ليڊيز ڪلب لاڙڪاڻي جي صدر پڻ رهي. هن ڪيترائي سال پابنديءَ سان لاڙڪاڻي ۾ ’خواتين مينا بازار‘ جو بنياد وجهي بازارون لڳرايون. هيءَ پنهنجي خاندان سميت 1977ع ۾ ڪراچيءَ ۾ رهائش پذير ٿي. سندس بيگم نصرت ڀٽو سان پڻ ويجها تعلقات رهيا. هن 5 جولاءِ 1988ع تي وفات ڪئي.


لفظ سڪينه عتيق الزمانھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1988.07.05  عيسوي

سنڌ جي ناليواري سماجي ورڪر، اديبه ۽ سياستدان سڪينه عتيق الزمان جو جنم نومبر 1923ع ۾ لکنو هندستان جي صوبي اتر پرديش نواب مقصود علي خان فاروقيءَ جي گهر ۾ ٿيو. هن 5 جولاءِ 1988ع تي وفات ڪئي.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

گنو سامتاڻي
زرداري محمد خان
ارباب نيڪ محمد
حجاب امتياز علي
شمس الدين قريشي
رضا علي عابدي
رضوي ماڪن شاهه
گوبند پنجابي
شبير احمد مخدوم
غلام حسين شيخ
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون